پاٽ يا تراکڙي ٿانو مان سِڪو ڪڍڻ

پاٽ يا تراکڙي ٿانو مان سِڪو ڪڍڻ (راند): هن راند ۾ جيترا رانديگر (ننڍي عمر وارا) اوترا ٿانو، انهن ۾ اٽو يا رنگين پاڻي وجھي ان جي تري ۾ سڪو رکبو، رانديگرن کي ٿوري فاصلي تي پٺيان ٻانهون ٻڌي بيهاربو. سيٽي وڄڻ سان ٻار ڊوڙي گوڏن ڀر ويهي ٿانون ۾ ٻوٿ وجھي سڪو ڪڍندا، جنهن پهريون سڪو ڪڍيو تنهن کٽيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو